بدين (رپورٽ: تنوير احمد) نندو لڳ ڳوٺ گهنور جوڻيجو جو رهواسي حسن علي جوڻيجو پٽ پنج ورهين جو ڪارو جوڻيجو هلندڙ گڏهه گاڏي مان ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ نندو رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
جنھن جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.