ميرپورخاص ۾ افعانين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ست آفيسرن خلاف ڪيس داخل

news

ميرپورخاص:ميرپورخاص ۾ 74 افغانين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ايف آءِ اي نادرا جي 7 آفيسرن خلاف ڪيد داخل ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي ذريعن موجب ميرپورخاص جي تعلقي سنڌڙي ۾ 2014 دوران افغانين کي جعلي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي انڪشاف بعد اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا آپريشن وقاص احمد لانگاهه جي شڪايت تي ايف آءِ اي ميرپورخاص جي ست آفيسرن خلاف فراڊ، جعلسازي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪيس داخل ڪري رشوت ٽوڙ جي خاص عدالت حيدرآباد موڪليو آهي.

ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل ميرپورخاص جي انويسٽيگيشن آفيسر ذوالفقار علي موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشنل نادره ريجنل آفيس ڪراچي احمد وقاص لانگاهه جي شڪايت تي لاڳاپيل عملدارن جي منظوري بعد انڪوائري ڪري ڪيس داخل ڪيو.

ڪيس ۾ جن آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو انهن ۾ اڳوڻو اسٽنٽ ڊائريڪٽر ندرا نادر خان، انچارج ۽ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ بدر رضا سروري، سينيئر سيگيڪٽوو ڊي اي او انيس احمد، جونيئر ايگزيڪٽوو ڊي اي او دلاور علي، الهه ڏنو سميجو ۽ جلال عبدالڪريم شامل آهن.