افغانستان ۾ طالبان جو سيڪيورٽي فورس تي حملو، نو اهلڪار فوت

news

هرات: افغانستان جي شهر هرات ۾ طلابان پاران بارڊر سيڪيورتي فورس کي 2 مختلف چيڪ پوسٽن تي حملا ڪري ڏنو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ 9 سيڪيورٽي اهلڪار اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته 15 اهلڪارن کي اغوا ڪري ساڻ وٺي ويا.

طالبان گذريل رات هرات ۾ ايران جي بارڊر سان ملندڙ ضلعن ڪوهسان ۽ غوريان جي چيڪ پوسٽن تي حملا ڪيا ويا.

ٻئي طرف افغانستان جي صوبي بلغ جي شهر مزار شريف ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڦاٽڻ سان هڪ ئي خاندان جا 6 ٻار زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.