فحاشي بابت بيان واپس وٺو نه ته توهان منهنجا وزيراعظم ناهيو: آمنه الياس

news

ڪراچي: اداڪاره ۽ ماڊل آمنه الياس هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته فحاشي بابت توهان پنهنجو بيان واپس وٺو نه توهاڻ منهنجا وزير اعظم ناهيو.

وزيراعظم عمران خان آچر ڏينهن ٽيليفون تي عوام سان سڌيءَ ريت ڳالهه ٻولهه دوران ملڪ ۾ وڌندڙ زيادتي جي واقعن بابت چيو هو ته” جڏهن توهان معاشري ۾ فحاشي ڦهلائيندا ته جنسي زيادتي جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو.

وزيراعظم جي اهڙي بيان تي سوشل ميڊيا ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو، ڪيترين ئي مشهور عورتن سميت انساني حقن جي تنظيمن وزيراعظم عمران خان جي اهڙي بيان جي مذمت ڪندي هن کان بيان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

آمنه خان به هڪ وڊيو پيغام ۾ فحاشي جي بيان بابت چيو ته منهنجي وزيراعظم کي درخواست آهي ته مهرباني ڪري بيان جي وضاحت ڪيو، توهان چيو ارطغرل ڏسو ته پوري پاڪستان ان کي ڏٺو، توهان چيو ته فلاڻو ڪتاب پڙهو ته پوري پاڪستان اهو ڪتاب پڙهيو، هاڻ توهان جي اهڙي بيان سان ڪيترو نقصان ٿيڻ وارو آهي توهان ڪڏهن ان جو احساس آهي ڪندئو؟