ٿائيلينڊ جي هڪ سپر اسٽور ۾ چچي ڪاهي پئي، گراهڪن ۾ ڀاڄ

news

ٿائيلينڊ جي هڪ سپر اسٽور ۾ دل ڌوڏيندڙ هڪ اهڙو غير معمولي واقعو سامهون آيو آهي جنهن جي وڊيو ڏسي ماڻهو و حيران ٿي ويا.

توهان چچين جي باري ۾ ته ڪيترائي واقعا ٻڌا هوندا پر جيڪو ڪجهه ٻه ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي هڪ اسٽور ۾ ٿيو اهڙو واقعو توهان اڳ نه ٻڌو هوندو.

مڇين جو شڪار ڪندڙ چچي کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو ته هوءَ بغير ڪنهن خوف جي اسٽو ۾ پهچي وئي ۽ کاڌي جي ڳولا ڪرڻ لڳي، 6 فوٽ ڊگهي چچي اسٽور ۾ داخل ٿي ته  خوف مان  ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڪائونٽر تي ويٺل ملازمن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو نه مليو اهي ان ئي جاءِ تي ويهي رهيا.

چچي مطلب جي شيءِ جي ڳولا ڪاڻ شيون ڪيرائيندي رهي ۽ کير جا دٻا کولي ڇڏيا، ان کانپوءِ وائلڊ لائيف کي اطلقاع ڏنو ويو جن اسٽور پهچي انکي ڏوراهين علائقي پهچائي ڇڏيو.