ڏوڪري ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ جو اجلاس ٿي گذريو، عهديدار چونڊيا ويا

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ جو اجلاس ڏوڪري ۾ ٿي گذريو، جنهن جي صدارت سيد منور علي شاهه، سيد نثار علي شاهه، منان عباسي، منير سيال، سڌير علي، رفيق احمد ملاح، انور شاد، رفيق علي، زاهد صديقي ۽ ٻين جي صدارت هيٺ ٿي گذريو،

جنهن ۾ ڏوڪري ۽ بادهه لاءِ عهديدار چونڊيا ويا، جنهن ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن تعلقه ڏوڪري لاءِ باڊي چونڊي وئي، جنهن ۾ صدر گل محمد عرف زاهد حسين ميراڻي، سينئر نائب صدر، حاجي سڪندر علي انڙ، جونئير نائب صدر نصير محمد خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري ساجد علي قادري، جوائنٽ سيڪريٽري راشد علي ڍڪن، خزانچي محمد حنيف جوڻيجو، پريس سيڪريٽري فياض علي سومرو، رابطا سيڪريٽري  علي گل چنا ۽ آفيس سيڪريٽري اربيلو زخمي چونڊيا ويا.

جڏهن ته باڊهه سٽي لاءِ صدر منور علي نوناري، نائب صدر غلام اڪبر کوکر، جنرل سيڪريٽري غلام مصطفيٰ سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري حبيب الرحمان نوناري، پريس سيڪريٽري عبدالغفور ساريو، آفيس سيڪريٽري منور علي سنجراڻي، خزانچي نويد اختر ۽ رابطا سيڪريٽري محمد علي گوپانگ چونڊيا ويا.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌي ٽي وي چينل جي اداڪارن سيد منور علي شاهه، سڌير احمد، منان عباسي، ظهور احمد ۽ ٻين چيو آهي ته تنظيم ٺاهڻ جو مقصد ته وکريل گهر کي سينگارڻ لاءِ تنظيم ٺاهي آهي، ان مقصد لاءِ هي تنظيم ٺاهي آهي ته ڪجهه تنظيم جو مقصد ته اداڪارن لاءِ گڏجي ڪم ڪجي ته ٽي وي جا ادارا اداڪارن کي بليڪ ميل نه ڪن ۽ انهن کي پورو حق ڏنو وڃي.

اسان رڳو فنڪارن لاءِ نه پر انسان ذات جي خدمت ڪرڻ به آهي جيڪا اها به ڪنداسين جئين شهرن ۾ منشيات جي وبا کي ختم ڪري نوجوان نسل بچائجي اهو ڪم به ڪنداسين اها به اسان جي ذميواري آهي جيڪا نڀائينداسين. هنن چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن هڪ مقصد کڻي آئي آهي ۽ اهو مقصد اهو آهي ته سنڌ جو اداڪار هميشه مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي ۽ اسين انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، اسان اهو ڪري سگهون ٿا ته اوهان جي راهن ۾ جيڪي ڪنڊا وڇايل آهن انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هي تنظيم پاڻ ملهائن، ان موقعي تي اجلاس جي ڪارروائي بلاول کوکر هلائي.