نئون ديرو: سينئر صحافي عبدالقادر اوڍو جو پوٽو ٻنهي اکين کان محروم، واهر جي اپيل

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) پنهنجي اڌ عمر صحافت جي پيشي ۾ رهي غريب، مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي جو آواز بڻجي ايوانن ۾ گونجندڙ سينئر صحافي عبدالقادر اوڍو جو پوٽو ٻنهي اکين کان محروم ٿي ويو، عبدالقادر اوڍو پوٽي جي اکين جي علاج ۾ سهائتا لاءِ تڪ جي ايم اين اي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر سميت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، امتياز شيخ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته پوٽي جو علاج ملڪ جي ڪنهن وڏي اسپتال يا ٻاهرين ملڪ مان سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي مدد ڪئي وڃي.

صحافي عبدالقادر اوڍو پنهنجي 13 ورهين جي پوٽي نبيل اوڍو سان گڏجي شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب نئون ديرو پهتو. جتي ٻنهي اکين کان معذور ٿي ويل نينگر نبيل اوڍو ٻڌايو ته هو چوٿين درجي جو شاگرد هجڻ سان گڏ هو ڪمپيوٽر جي سکيا پڻ وٺندو هو پر 6 مهينا اڳ کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳو جنهن جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس هڪ اک جي روشني گهٽجندي وئي جنهن جو لاڙڪاڻي مان علاج ڪرايو ويو پر ڪو به فائدو نه پوڻ ڪري ڪراچيءَ مان علاج ڪرايو پر اتان به ڪو فائدو نه رسيو. 6 مهينن جي ٿوڙي عرصي ۾ نينگر جي ٻنهي اکين جي روشني ختم ٿيندي وئي ۽ هن وقت هو اکين کان مڪمل طور تي معذور بڻجي هڪ هنڌ ويهجي ويو آهي.

اکين جي معذوريءَ سبب نبيل اوڍو جي تعليم به بند ٿي وئي آهي ۽ بينائي نه هجڻ ڪري مايوسين جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. سينئر صحافي عبدالقادر اوڍو ٻڌايو ته منهنجو پوٽو نبيل اوڍو آهي جنهن جي عمر 13 سال آهي هن کي گهر اندر مستي ڪندي بيڊ جو تاج مٿي ۾ لڳو هو جيڪو نبيل گهر ۾ ڪنهن کي به نه ٻڌايو هو ڌڪ لڳڻ جي 10 کان 15 ڏينهن اندر هن جي کاٻي اک نظر گهٽ ٿيندي وئي. اسان کي ان وقت خبر پئي جڏهن نبيل ٽيليويزن جي ويجهو ويهي ڏسندو هو ۽ اسان منعيٰ ڪندا هئا سين ايترو ويجهو نه ويهه پوءِ نبيل اسان کي ٻڌايو ته هن کي نظر تي اثر ٿيو آهي جنهن ڪري ٽيليويزن جي ويجهو ويهندو آهيان. جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي اکن واري ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويا سين ۽ هُن ڊاڪٽر 3 مهينن جو علاج ڏئي واپس ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر جي علاج بعد ويتر هن جي ساڄي اک جي روشني به ختم ٿيندي وئي ۽ پوءِ نبيل کي اسان ڪراچي کڻي وياسين پر اتان به مايوس ٿي واپس آياسين.

نبيل کي ائين ڏسي نه پئي سگهياسين، هو هاڻ ٻين جو محتاج ٿي ويو آهي. هاڻ هو سڄو ڏينهن گهر اندر ويٺو رهي ٿو. اسان ان سوچن ۾ آهيون ته نبيل جي زندگي ڪيئن گذرندي. صحافي عبدالقادر اوڍو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر توڙي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اکين جي نور کان محروم ٿي ويل سندس معصوم پوٽي جو سرڪاري خرچ تي علاج جي سهائتا ڪئي وڃي. ته جيئن معصوم نبيل محتاجي کان بچي وڃي.