جيڪب آباد ۾ انتظامي نااهلي سبب معصوم نينگري کليل گٽر ۾ ٻڏي فوت

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل جي نااهلي، راند کيڏڻ لاءِ گھران نڪتل نينگريءَ کليل گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، اسپتال انتظاميا جي نينگريءَ جي مڙهه کڻائي وڃڻ لاءِ ايمبولينس کان جواب، پيءُ ڌي جو لاش ھٿن ۾ کڻي گھر پھتو.

خبر موجب جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني ۾ اڍائي ورھين جي نينگريءَ طيبه ڌيءَ وزير علي گھر ٻاهران راند ڪندي کليل گٽر ۾ ٻڏي وئي، اطلاع تي پيءُ بروقت واقعي واري هنڌ پھچي پنهنجي گلن جي نينگريءَ کي کليل گٽر مان ٻاهر ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر پڻ فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد سول اسپتال ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

نينگريءَ جي فوت ٿيڻ بعد وارثن اسپتال انتظاميا کان ايمبولينس جي گھر ڪئي ته انتظاميا جواب ڏئي ڇڏيو، نينگريءَ طيبه جو مڙهه پيءُ ھٿن تي کڻي ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪري کڻي گھر پھتو ته گھر ۾ قھرام مچي ويو، گھرڀاتي نينگريءَ جي مڙهه کي چنبڙي دانھون ڪندا روئيندا رھيا، جنهن سبب ماحول سوڳوار ٿي ويو.

نينگريءَ جي پيءُ وزير علي ٻڌايو ته پاڙي ۾ ڪيترائي گٽر کليل آهن ڪيتري ئي عرصي کان ٺيڪيدار کي شڪايت ڪئي وئي ته گٽر کي ڍڪڻ ڏيو پر ان جي ڪن لاٽار سبب گلن جهڙي نينگريءَ حياتي وڃائي ويٺي.

ھن چيف جسٽس سنڌ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته کليل گٽر معاملي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي خبر پئي آهي، جاچ ڪيان پيو، شھر ۾ سوين گٽرن جا منھن کليل جي سوال تي ڊپٽي ڪمشنر جواب ڏيڻ بدران ڪال ڪٽي ڇڏي.