پنوعاقل جي بائجي پوليس عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي طرف ويندڙ ٻن ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل جي بائجي پوليس عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيندڙ ٻن ڄڻن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بچائي ورتو.

جيڪب آباد واسي قادر بخش ۽ مبين احمد عورتاڻي آواز تي ھرکجي پنوعاقل جي ڪچي ۾ پھتا تہ ڳجھي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪري ٻنھي نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، اغوا کان بچي ويل نوجوانن ميڊيا کي ٻڌايو تہ ڪجھ عرصي کان عورتون  رابطي ۾ ھيون جن چيو ته ملڻ اچو، ھتي پھتا آھيون تہ پوليس اسان کي بچائي ورتو آھي، پوليس پاران ضروري ڪاروائي بعد ھٿ آيل ٻنھي ڄڻن کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوانن کي عورتاڻي آواز تي تيغاڻي گروپ جي ڏوھارين جي ٽولي اغوا ڪرڻ لاءِ گھرايو، پوليس پاران بروقت ڪارروائي ڪري ٻنھي ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي.

ٻئي طرف ڪجھ ڏينھن اڳ پنجاب جي علائقي وھاڙي جو رھواسي 25 ورھين جو طارق عورتاڻي آواز تي هرکجي پنوعاقل جي ڪچي مان اغوا ٿي ويو، جڏهن ته ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ مغوي جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان انتهائي غريب آھيون، ڌاڙيلن فون ڪري 20 لک رپيا ڀُنگ طلب ڪيو آھي، پوليس اسان جي مدد ڪري اسان جو نوجوان بازياب ڪرائي.

ھوڏانھن ايس ايڇ او رضا ڳوٺ ھادي بخش انڍڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پنجاب واسي نوجوان جي گمشدگي جي رپورٽ درج ڪري ڇڏي آھي، معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.