گمبٽ ڀرسان ڳوٺ مينھون خان ڄامڙو ۾ شھيد ڀٽو جي ورسي تقريب ٿي گذري

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ مينھون خان ڄامڙو ۾ شھيد ڀٽو جي 42 ھين ورسي تقريب ٿي گذري. استاد علي نواز ڄامڙو پاران رکيل ورسي تقريب ۾ قرآن خواني ڪرائي دعا گھرائي وئي.

ان موقعي تي پ پ اڳواڻن سڪندر علي جوڻيجو، ڊاڪٽر فرمان علي ڄامڙو، نجم ڄامڙو، عبدالرزاق، گل حسن، جيئند علي، لال بخش لاکو ۽ مير ارشد ٽالپر شھيد ذوالفقار ڀٽو جي زندگي بابت تقريرون ڪندي چيو ته شھيد ڀٽو عوام جو حقيقي اڳواڻ ھو، کيس غريبن جي ڏکن سورن جو پتو ھو.

ھن بي زمين ھارين ۾ زمينون ورھايون، نوجوانن کي روزگار ڏنو. ھن غريبن ۽ اميرن جي وچ ۾ فرق مٽائڻ پئي چاھيو، جيڪا ڳالھ وقت جي فرعونن کي پسند نه آئي ۽ اھڙي طرح ھن عظيم اڳواڻ جو عدالتي قتل ڪيو ويو پر ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آھي.