ڊسڪه ننڍي چونڊ: پولنگ جاري، (ن) ليگ ۽ تحريڪ انصاف ۾ چوٽي جو مقابلو

news

سيالڪوٽ: (ڇنڇر 10 اپريل 2021ع)  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊ جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. جيڪا شام جو 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي.

تڪ ۾ تحريڪ انصاف جي علي امجد ملهي ۽(ن) ليگ جي نوشين افتخار ۾ چوٽيءَ جو مقابلو آهي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جو اميدوار خليل سندهو به چونڊ عمل ۾ حصو وٺي رهيو آهي.

ننڍي چونڊ جي دوران تڪ ۾ عام موڪل آهي جڏهن ته امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

رينجرز ۽ پوليس جي دستن  کي مقرر ڪيو ويو آهي 360 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن جنهن مان 47 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته شفاف ۽ پرامن چونڊ جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر پاڻ چونڊ جي نگراني ڪندو.