کنڊ اسڪينڊل: جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

news

لاهور: (ڇنڇر 10 اپريل 2021ع)  کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ عدالت جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ جي جج امير محمد چوڌري کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست ۾ موجوده عدالت جو اختيار نٿو بڻجي. جهانگير ترين جي شوگرملز ۾ ملازمن جا اڪائونٽس، مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ٿيا. ان موقعي تي جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته اسان وڌيڪ ايندڙ هفتي ۾ ڪجهه دستاويز جاچ آفيسر کي ڏينداسين.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست ۾ 17 اپريل تائين واڌ ڪندي عدالت جي اختيار بابت ايف آءِ اي ۽ ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا. جڏهن ته سيشن ڪوٽ ٻنهي جي عبوري ضمانت ۾ 22 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي جهانگير ترين سان گڏ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ به شرڪت ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي جهانگير ترين چيو ته منهنجي خلاف ٿيندڙ جاچ شفاف ناهي. ان ڪري جاچ جي لاءِ اڻڌري ڪميٽي ٺاهي وڃي.