فخرزمان جي سالگره تي آءِ سي سي پاران کيس مبارڪباد ڏني وئي

news

لاهور: (ڇنڇر 10 اپريل 2021ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر فخرزمان جي 31هين سالگره تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) کيس مبارڪباد ڏني آهي.

آءِ سي سي جي ويريفائيڊ اڪائونٽ تي فخرزمان جي تصوير شيئر ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ ئي لکيو ويو ته فخرزمان کي  سالگره مبارڪ هجي جيڪو اڄ 31 سالن جو ٿي ويو آهي.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پيغام ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته گذريل هفتي ڏکڻ آفريقا جي خلاف شاندار اننگز کان پوءِ هي هڪ ٻيو موقعو آهي ته هو خوشيون ملهائي. فخرزمان جو تعلق ڪي پي ڪي جي ضلعي مردان سان آهي هو 5 ڀائرن مان سڀني کان ننڍو آهي.