ميرا آمريڪا ۾ پيش ايندڙ واقعي بابت وضاحت ڏئي ڇڏي

news

لاهور: (ڇنڇر 10 اپريل 2021ع) پاڪستاني اداڪاره ميرا چيو آهي ته مان مايوس آهيان پر ان جو مطلب اهو ناهي ته منهنجي ذهني حالت صحيح نه آهي. نجي ويب سائٽ کي ڏنل انٽرويو دوران ميرا چرين جي اسپتال ۾ داخلا ۽ ذهني حالت خراب ٿيڻ بابت خبرن تي وصاحت پيش ڪري ڇڏي.

ميرا چيو ته آمريڪا ۾ مان اسپتال ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جي لاءِ وئي هئس پر  منهنجي مينٽل اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جون خبرون وائرل ٿي ويون. اداڪاره وڌيڪ چيو ته ذهني حالت هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ مان نٿي ڄاڻان ته ماڻهو ذهني حالت بابت ڪيئن ڳالهيون ٺاهي ٿا وٺن ۽ پوءِ مذاق اڏائيندا آهن،. ميرا مايوس ٿيڻ جو سبب ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو ته مون کي نوان پراجيڪٽ نه پيا ملن جنهن ڪري مان مايوس آهيان پر ذهني طور تي بيمار نه آهيان ۽ ان خبرن مون کي ڪافي پريشان ڪيو آهي.

واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي ميرا جي والده جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته منهنجي ڌيءَ کي ڪنهن آمريڪا جي چرين واري اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه اداڪاره ميرا جي سهري راجه پرويز دعويٰ ڪئي ته ان جي پٽ ۽ ميرا جي مڙس ڪيپٽن نويد 50 هزار ڊالر جي گارنٽي عيوض ميرا کي اسپتال مان فارغ ڪرايو.