پهريون ٽي ٽوئنٽي ڏکڻ آفريقا پاران پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

news

جوهانسبرگ: (ڇنڇر 10 اپريل 2021ع) پهرين ٽي 20 ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا پاڪستان جي خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪري رهيو آهي.

ٻين رانديگرن ۾ محمد رضوان، فخر زمان، محمد حفيظ، حيدر علي، محمد نواز، فهيم اشرف، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي، عثمان قادر ۽ حارث رئوف شامل آهن.

چئن ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ شروع ٿي چڪو آهي. ڏکڻ آفريڪا کان هڪ ڏينهن واري ميچ جي سيريز کٽڻ کان پوءِ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي.