نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو جي جوڳي محلا جي رهواسي منگي برادريءَ جي نويد منگي پنهنجي گهرواري ثمينا ۽ معصوم ٻارڙن سميت شهيد راڻي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته 5 ڏينهن اڳ منهنجي ڀيڻ امبرين منگي کي رجب شيخ رات جي وقت اغوا ڪري ويو.
اسان اغوا جي ايف آءِ آر نئون ديرو ٿاڻي تي 4 جوابدارن تي داخل ڪرائي هئي پر پوليس اسان جي ڪيس ۾ ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو ويتر جوابدار ڌر کان پئسا وٺي خاموش ٿي ويهي رهيا. هاڻي ايس ايڇ او نئون ديرو اسان جي مدد نه ٿو ڪري ۽ گرفتار ڪيل جوابدارن کي به ڇڏي ڏنو آهي.
هنن الزام هڻندي چيو ته رجب شيخ 5 مهينا اڳ منهنجي 7 ورهين جي معصوم نينگر مبين منگي کي ماري لاش پاڻي جي کڏ ۾ اڇلايو هو ۽ بعد ۾ وري ان معصوم جو لاش پاڻ ئي کڏ مان کڻي اسان جي در تي کڻي آيو هو ۽ هاڻ وري رجب شيخ منهنجي ڀيڻ کي زبردستي اغوا ڪري ويو آهي. اسان غريب جي ڪوئي به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪندي چيو ته منهنجي معصوم نينگر جي قتل ڪندڙ ۽ منهنجي ڀيڻ کي اغوا ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري اسان ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نئون ديرو شاهد صادق ميمڻ ٻڌايو ته امبرين منگي اغوا ناهي ٿي هن پنهنجي رضامنديءَ سان ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي. امبرين جا وارث ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.