سجاول ۾ انتظاميا پاران قديمي ڳوٺ مسمار ڪرڻ جي ڪوشش، ڳوٺاڻن جو احتجاج، ڌرڻو

news

سجاول (رپورٽ: نديم ميمڻ) سجاول ۾ انتظاميا پاران ھندن جو مساڻ ڄاڻائي سوين گھرن تي مشتمل هٿيار برادري جو پنجاهه سالن جو قديمي ڳوٺ مسمار ڪرڻ جي ڪوشش، ڳوٺاڻن پاران گهرن کي ڊاهڻ خلاف تتل ڪاڙھي ۽ سخت گرمي ۾ نيشنل هاءِ وي تي  ڊي سي هائوس اڳيان ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو.

بيدخل ڪيل مڇريل عورتن ۽ مردن پاران ڳوٺ ڀرسان ڊي سي سجاول جي اباڻي گهر تي حملو ڪري پٿراءُ پڻ ڪيو ويو، شھري ايڪشن ڪميٽي پاران معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ڊي سي سجاول ۽ هندو پنچائت جي معززين سان رابطو ڪرڻ بعد آپريشن عارضي طور تي معطل ڪيو ويو.