بدين ڀرسان پنجن ٻارن جي ماءُ پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين ڀرسان ڳوٺ ڌاڌرڪو فارم مان 5 ٻارن جي ماءُ 26 ورهين جي شريمتي ماريا زال هيرو ڪولهي پراسرار نموني گم ٿي وئي آهي.

ان سلسلي ناري جي مڙس هيرو ڪولهي جو چوڻ آهي ته زال جي گمشدگي بعد ان کي هرهنڌ ڳوليو آهي پوليس کي به اطلاع ڏنو آهي پر سندس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته منهنجي زال کي اغوا ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري پوليس جاچ ڪري منهنجي زال کي بازياب ڪرائي.