آزاد ڪشمير ۾ ڪار اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، هڪ ئي خاندان جا ڇهه ڄڻا اجل جو شڪار

news

مظفرآباد: (آچر 11 اپريل 2021ع) نڪيال روڊ تي ڪار اونهي کاهي ۾ ڪرڻ سبب ٻارن سميت 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن موجب ڪوٽلي نڪيال روڊ تي ڪار اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن سبب ڪار ۾ سوار 6 ڄڻا فوت ۽ 2 سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪار نڪيال جي علائقي ۾ ناره کان ڪوٽلي اچي رهي هئي ۽ ان ۾ 8 ڄڻا سوار هئا. ڪار رستي ۾ حادثي جو شڪار ٿي 500 فوٽ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو جون ٽيمون ۽ مقامي ماڻهن آپريشن شروع ڪري ڇڏيو پر هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا هئا. 4 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ٻه ڄڻا زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ٻڻ ڄڻن جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.