اليڪٽرانڪ چپ جي استعمال کان پوءِ هاڻ ڀولڙا به گيم کيڏڻ لڳا

news

نيويارڪ: (آچر 11 اپريل 2021ع) مستقبل جي لاءِ نت نون منصوبن تي عمل ڪندڙ آمريڪا جي ارب پتي ڪاروباري شخصيت ۽ آمريڪي  ٽيڪنالاجي ڪمپني ٽيسلا جي سي اي او ايلن مسڪ جي نئين ايجاد سڄي دنيا کي هڪ دفعو ٻيهر حيران ڪري ڇڏيو آهي.

ايلن مسڪ جي ڪمپني(نيورالنڪ) طرفان متعارف ڪرايل نئين ٽيڪنالاجي دماغ جي لاءِ بلوٽوٿ سان ٻڌل هڪ چپ آهي جنهن کي دماغ جي ٻنهي طرفن کان لڳايو ويندو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايلن مسڪ جي  ٽيڪنالاجي ڪمپني طرفان هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ باندر کي دماغ جو استعمال ڪندي ڪمپيوٽر گيم پونگ کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ 9 ساله مڪاڪ(هڪ قسم جو ڀولڙو) کي ڪمپيوٽر ۾ گيم کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو. ڪمپني موجب ڀولڙي جي دماغ جي ٻنهي طرفن کان ڊيوائسز لڳائي وئي آهي. في الحال نيورالنڪ مختصر ريسيور جي ذريعي  ڪمپيوٽر سان ڳنڍيل ۽ دماغ ۾ لڳڻ جي لاءِ چپ متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا ان کان اڳ به جانورن ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي.

وڊيو ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جانور استرو(نلڪي) جي ذريعي بنانا اسموتهي جي لاءِ ڪمپيوٽر هلائڻ سکي ورتو. وڊيو ۾ ڀولڙي .کي جواءِ اسنڪ جي ذريعي آن اسڪرين کي هلائيندي به ڏيکاريو ويو آهي. رپورٽ موجب نيورالنڪ ڊيوائسز  باندر جي برين موٽرڪارٽيڪس ۾ لڳايل 2000  اليڪٽروڊ جي ذريعي دماغ جي چرپر جو رڪارڊ رکندي ٻانهن کي منظم ڪندو آهي.

هوڏانهن ايلن مسڪ پنهنجي هڪ پيغام م چيو آهي ته جلد انسانن ۾ به اهڙي قسم جي تجربن جو اعلان ڪيو ويندو. ايلن مسڪ پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڪامياب تجربن کان پوءِ اهڙا پراڊڪٽ جلد آندا ويندا جيڪي فالج مان  متاثر ماڻهن جي لاءِ اسمارٽ فون استعمال ڪرڻ ممڪن بنائي سگهن.