ڄام نواز علي: مهينو اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو بيدرديءَ سان قتل، وارثن پاران ڌرڻو،ٽريفڪ معطل

news

ڄام نوازعلي: خالد انور مگسي)نئو آباد ٿاڻي جي حد  ڳوٺ مجنو مگسي ۾ جوابدارن پاران هڪ مهينو اڳ پيار جي پرڻي لاءِ نڪتل مبينا ڪارنهن الزام ۾ 40 ورهين عورت بيلان زال نهال مگسي ۽ 26 ورهين جو نوجوان الهبچايو مگسي پٽ خيرالدين مگسي کي مبينا ڪهاڙين جا وار ڪري بي دردي سان  قتل ڪري ڇڏيو آهي، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا.

واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ڄامنوازعلي نئوآباد پوليس سان جاءِ واردات تي پھچي ٻنھي مقتولن جا لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ڄام نوازعلي اسپتال پھچايا، جتي ٻنھي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جنھن بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

مقتول الهبچايو جي وارثن پاران قتل واري واقعي خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري ۽ سندن نوجوان گل شير مگسي  جي بازيابي لاءِ نٽهڻ آس ۾ 3 ڪلاڪن تائين ريلوي  ٽريڪ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارو بيهجي ويون وارثن ۾ مقتول جي امڙ ۽ والد خيرآلدين مگسي موجب  جوابدارن پٽ کي اغوا بعد بي دردي سان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي ۽ اسان کي شڪ آهي ته اغوا ڄاڻايل نوجوان کي به جوابدار قتل ڪري ڇڏيندا، نوجوان کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، پوليس پاران انصاف جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

ٻئي طرف پوليس واقعي بعد ڳوٺ مجنو مگسي ۾ ڪاروائي ڪري قتل ۽ اغوا  ۾ مک جوابدار عبدالعزيز مگسي، سندس مامي ولي محمد، روزي مگسي، بخش علي مگسي سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي،  پوليس موجب وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو