ميرپورماٿيلو: ڳوٺ صاحب خان لنڊ واسي وياج خورن کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ صاحب خان لنڊ جو رهواسي حميد فقير ملڪ وياج خورن کان تنگ ٿي پاڻ کي ڦاهي ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان علائقي واسين جو چوڻ هو ته همراھ ڏي گهوٽڪي سبزي منڊي جي واپارين جا پُڻ پيسه هئا جنهن تي همراھ پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي.