جاتي عمره ايراضي ڪيس: نيب کي مريم جي گرفتاري کان ڏهه ڏينهن اڳ آگاهي ڏيڻ جو حڪم

news

لاهور: (سومر 12 اپريل 2021ع)   لاهور هاءِ ڪورٽ جاتي عمره ايراضي ڪيس ۾ نيب کي مريم نواز جي گرفتاري کان 10 ڏينهن اڳ آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جاتي عمرا ايراضي ڪيس ۾ مريم نواز جي  ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ مريم نواز عدالت ۾ پيش ٿي جڏهن ته نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر فيصل بخاري عدالت ۾ پيش ٿيو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته مريم نواز جا  گرفتاري وارا وارنت جاري ناهن ڪيا ان حوالي سان 10 اپريل تي جواب جمع ڪرايو ويو آهي. مريم نواز جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته نيب کي پابند ڪيو وڃي ته وارنٽ جاري ڪرڻ کان 10 ڏينهن اڳ اطلاع ڏني وڃي.

ان تي نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته اعظم نذير کي اطلاع ڏني ويندي. عدالت اعظم نذير کي هدايت ڪئي ته وارنٽ جي جاري ٿيڻ تي اوهان عدالت سان رابطو ڪري سگهو ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت مريم نواز جي ضمانت واري درخواست اڪلائيندي نيب کي ان جي گرفتاري کان 10 ڏينهن اڳ آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.