پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو ختم ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو

news

ڪراچي: (سومر 12 اپريل 2021ع) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت ۽ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي ڊيل تي اسان مطمئن نه آهيون. حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ڊيل عوام دشمن آهي. اسان اڳ به ڊيل تي اعتراض ڪيو ۽ هان به مذمت ڪريون ٿا. پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي ختم ڪرڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومتي معاشي پاليسين تي ڳالهيون ڪيون ويون. پ پ چيئرمين چيو ته آءِ ايم ايف سان ڊيل سان پاڪستان جي خودمختاري متاثر ٿي سگهي. ڊيل سان پاڪستان جي عوام تي وزن وڌي ويندو. ڊيل سان معاشي ترقي جي راهه ۾ رنڊڪون پيدا ٿينديون. بلاول ڀتو چيو ته پاڪستان پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جا تفصيل ڪنهن کي به خبر نه آهن. بجيٽ جا معاملا پارليامينٽ جو ڪم آهي. بند ڪمري ۾ معاملا اڪلائڻ جي ڪوشش جو ڇا مطلب آهي؟ آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جا تفصيل پارليامينٽ ۾ نه آندا ويا.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اسٽيت بيڪ کي بااختيار بنائڻ بابت صدارتي آرڊيننس کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسٽيت بينڪ جو مجوزه آرڊيننس ملڪ جي معاشي خودمختاري تي حملو آهي. رياستي بينڪ کي آرڊيننس جي تحت پاڪستان جي آئين کان مٿانهون ڪرڻ چاهيون ٿا. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ڪشمير جي عوام جو ٽن نسلن کان رشتو آهي. اسان هميشه ڪشمير جي عوام لاءِ آواز اٿاريو آهي. مودي سرڪار ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي ڪشميرين تي جاري ظلم جي مذمت ڪري ٿي.

بلاول ڀٽو چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ معاملو حل نٿو ٿئي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي. پارليامينٽ مان استعيفيٰ اسان جو  آخري آپشن هجڻ گهرجي. سي اي سي جو فيصلو آهي ته پارليامينٽ مان استعيفيٰ اسان جو آخري آپشن رهندو. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان استعيفائون آخري هٿيار هجڻ گهرجن. استعيفائون ايتم بم آهن، ان کي آخري هٿيار طور استعمال ڪرڻ گهرجي.