شھدادپور ۾ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت، ٻه زخمي

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ سانگھڙ روڊ تي ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر، ھڪ اڌڙوٽ ھمراهه پرويز بوزدار فوت، ٻه ڄڻا زخمي.

شھدادپور ۾ سانگھڙ روڊ تي الباسط ڪاٽن فيڪٽري وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنھن ۾ اڌڙوٽ ھمراهه پرويز بوزدار، منظور لغاري ۽ علي حسن لغاري زخمي ٿي پيا، جن کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو، جتي ڳوٺ بخشڻ بوزدار جو رھواسي زخمي پرويز بوزدار فوت ٿي ويو.ئ

فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمين کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. حادثي ۾ تباهه ٿيل موٽرسائيڪلن کي پوليس تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.