مورو ويجهو زرعي زمين تان زرداري ۽ ٻگھيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) مورو شھر جي گچيرو روڊ تي زرعي زمين تان زرداري ۽ ٻگھيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو.

جنھن دوران فائرنگ ٿيڻ سبب گولي لڳڻ ڪري نوجوان بشير لغاري زخمي ٿي پيو، جنھن کي تعلقي اسپتال مورو آندو ويو، جتي ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪرڻ بعد کيس وڌيڪ علاج خاطر نوابشاهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي صدام ٻگھيو ٻڌايو ته مصري زرداري اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ ٿو چاھي اڄ صبح ھنن اسان جي گھر مٿان حملو ڪيو آھي، ھنن جي فائرنگ ۾ ساڻن گڏ آيل بشير ولد باغو لغاري زخمي ٿي پيو آھي ۽ جھيڙي کانپوءِ منھنجو والد  ۽ ٻيو نوجوان لاپتا آھي، جڏھن تہ اطلاع ملڻ تي مورو پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي، جڏھن تہ اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي نه وري ڪو ڪيس داخل ٿي سگھيو آهي.