خيرپورناٿن شاهه ۾ اٺ گاڏي سان ٽرڪ جو حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، ٽي زخمي

news

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ذلفي ناٿن شاهي) خيرپورناٿن شاهه انڊس هائي وي تي اٺ گاڏي جو ٽرڪ سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ اٺ گاڏي تي سوار چار ڄڻن مان هڪ ڄڻو نالي محمد مٺل بروهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ باقي ٽي ڄڻا محمد موسيٰ بروهي، شھمير بروهي ۽ خان محمد بروهي سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي مقامي ماڻھن تعلقي اسپتال خيرپورناٿن شاهه پهچايو ويو، اتي ترت علاج ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اٺ گاڏي جا سوار خيرپورناٿن شاهه گولي مار ڪالوني جا رھواسي آھن، چڏھن ته لاش گهر پهچڻ سان قهرام مچي ويو.

جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.