جيڪب آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن جو مرڪزي قائد جي گرفتاري خلاف احتجاج، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن جو مرڪزي قائد جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو، قومي شاهراهه تي ڌرڻو.

خبر موجب تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه مولانا سعد رضوي جي گرفتاري خلاف ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو اساما شاهه ۽ راشد علي جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو. مظاهرين قومي شاهراهه تي ميھر شاهه وٽ ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏني، جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو، سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين جو قطارون لڳي ويون.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو اسان جي سربراهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.