اڳڙا ڀرسان بھارو شھر جي ملاح محلا واسي پورھيت چار نوجوان ٻچڙا بيماري سبب ھلڻ ڦرڻ کان لاچار، مسيحا جو انتظار

news

اڳڙا (رپورٽ: غلام رسول ڪلهوڙو) اڳڙا ڀرسان بھارو شھر جي ملاح محلا واسي پورھيت نسيم ملاح جا چار نوجوان ٻچڙا نياڻي صائمه، پٽ ماجد علي، عمران علي ۽ مزمل پيرن ۾ ساهه نه ھجڻ سبب ھلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ھڪ کٽ تي ويٺل آهن.

ان ڏس معذور نوجوانن جي والدين صحافين سان درد اوريندي ٻڌايو ته سڀ ٻار گهمندا ڦرندا ھئا، اسڪول به ويندا هئا اوچتو 8 کان 10 سالن جي عمر ۾ ٽنگن ساهه ڇڏڻ شروع ڪيو ۽ آھستي آھستي ھڪ کٽ تي ويھجي ويا، اندر ٻاهر ڪرڻ لاءِ کين پٺيءَ تي کڻڻو پوندو آهي، اسان کي ته ھاڻي ويل چيئر وٺڻ جي به سگھ ناهي رھي.

مقامي ڊاڪٽرن کان ٿيندي سکر ۽ لاڙڪاڻي تائين به الھ تلھ وڪڻي علاج ڪرايو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ هو تہ 20 کان 30 لک خرچ ٿيندو تون غريب آھين بس ڪري وڃي گهر ويھي رهو، ٻچن جا ھڪ جيڏا سنگتي جڏهن گهمن ڦرن ٿا ته ھنن جو درد اسان جي جيءِ کي جھوري وجهي ٿو، ٻچا آهن اسين قطعي بيزار ناھيون پر اسان جي مري وڃڻ کان پوءِ ھنن جو ڪو بہ ڌڻي ڪونھي جيڪو سندن سار سنڀار لھندو.

اسين حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن کي دانھين ٿڪجي پيا آهيون، سندن ڪن تي جونءَ ئي ناھي چري، باقي ٻڌئون ٿا ته انساني ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيتريون ئي تنظيمون آهن ۽ پڻ دنيا ۾ ڪيترائي انسان دوست انسان رھن ٿا جيڪي چاھين ته منهنجي ٻچن جو علاج ٿي سگهي ٿو ۽ پنهنجي پيرن تي بيھي سگهن ٿا ۽ گهمي ڦري سگهن ٿا.

اسان کي ھاڻي ڪنهن اھڙي مسيحا جو انتظار آهي جيڪو ھن بي وسي واري مھل ۾ اسان جي واھر ڪري ٻچن جو علاج ڪرائي اسان جي پريشاني ختم ڪن.