شگفته شاهه جي والده کانپوءِ ڀيڻ به فوت ٿي وئي

news

لاهور: هڪ ڏک کانپوءِ ٻئي ڏک سان جهيڙيندڙ شگفته اعجاز جي ڀيڻ به فوت ٿي وئي.

ميڊيا رپورٽ موجب سينئر اداڪاره شگفته اعجاز جي والده کانپوءِ هاڻ پنهنجي ڀيڻ کي به وڃائي ڇڏيو، هڪ مهيني اندر ٻن صدمن کي منهن ڏيندڙ اداڪاره شگفته پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي ڀيڻ جي يادگار تصوير شيئر ڪئي.

شگفته اعجاز تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو ته شديد علالت بعد منهنجي ڀيڻ فوت ٿي وئي آهي، اداڪاره لکيو ته آئون توکانسواءِ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيان ٿي.