آمريڪا ۾ پوليس هٿان ڪاري نوجوان جي موت کانپوءِ احتجاج شروع

news

واشنگٽن: آمريڪا ۾ هڪ ٻئي ڪاري نوجوان جي پوليس هٿام موت کانپوءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

آمريڪا ۾ هڪ ٻئي ڪاري نوجوان جي پوليس هٿان موت کانپوءِ عوام رستن تي اچي ويو آهي، سيڪيورٽي اهلڪارن سان جهڙپن دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، شهر جي مختلف جاين تي شهري جمع ٿيا ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙن جي هٿ ۾ فوت ٿيل نوجوان ڊانٽي رائٽ جون تصويرون به هيون.

اهلڪارن واقعي جا فوٽيج جاري ڪري ڇڏيا آهن، مني سوٽا پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته اهلڪار جو نوجوان کي قتل ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه هو، اهو هڪ حادثو هو.