مبارڪپور ۾ شرپسندن جو ڊاڪٽر مٿان حملو، هڪ ڄڻو گرفتار

news

مبارڪپور (رپورٽ: مھر قربان علي) مبارڪپور شهر جي پي پي ايڇ آءِ انچارچ ڊاڪٽر ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر صفي الله ڀٽو مٿان شرپسند ماڻهن پاران حملو ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽر صفي الله ڀٽو کي پنهنجي اسپتال جي ماڻهن کيس بچائي ورتو.

پوليس پاران پڇاڳاڇا بعد مهر محلا مان هڪ جوابدار گلزار مهر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته آخري اطلاع تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.