news
ڄامشورو

سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊينز ڪميٽي جو اجلاس، اهم فيصلا ڪيا ويا

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ ڊينز ڪميٽي جي اجلاس ۾ رمضان شريف دوران يونيورسٽي جي ٽائيمنگ، اڳين ڪلاسن ۾ داخلائن، ايم فل جي ٽيسٽ ۽ ماسٽر جي پهرين عارضي ميرٽ لسٽ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.

وائيس چانسلر آفيس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صبح جي شفٽ ۾ سومر کان خميس تائين يونييورسٽي ۾ ڪلاسن جو وقت صبح جو اٺين وڳي کان منجهند هڪ وڳي تائين مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاروهنوار هلائڻ جو وقت صبح جو اٺين وڳي کان منجهند جو 2 وڳي تائين هوندو.

اهڙيءَ طرح جمعي واري ڏينهن ڪلاسن جو وقت صبح اٺين وڳي کان منجهند ساڍي ٻارهين تائين هوندو، جڏهن ته انتظامي سائيڊ وارن لاءِ صبح اٺين وڳي کان منجهند هڪ وڳي جو ٽائيم مقرر ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ طرح شام جي شفٽ ۾ ڪلاسن جو وقت سومر کان خميس تائين 12 وڳي کان شام جو پنجين وڳي تائين مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جمعي تي به ساڳيو وقت هوندو پر منجهند جو هڪ وڳي کان ٻه وڳي تائين جمعي نماز جو وقفو هوندو.

اجلاس ۾ اڳئين ڪلاسن ۾ داخلائون ايندڙ هفتي کان شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي، جڏهن ته ماسٽرز ڊگري پروگرامن جي پهرين عارضي ميرٽ لسٽ هلندڙ هفتي جي آخر ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايم ايس/ ايم فل ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ مختلف وقتن تي لاڳاپيل ڊين صاحبان جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر لاڳاپيل شعبن اندر پڻ وٺڻ جا انتظام ڪندو ته جيئن ڪورونا وائرس کان بچاءُ وارن ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪري سگهجي.

اجلاس ۾ رجسٽرار غلام محمد ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالله دايو، ڊاڪٽر منير احمد خان، ڊاڪٽر زرين عباسي، ڊاڪٽر جاويد اقبال، ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، ڊاڪٽر جاويد چانڊيو ۽ ڊاڪٽر خليل الرحمان کومباٽي موجود هئا.

هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي انتظام هيٺ هلندڙ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۽ سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي ٽائيمنگ به تبديل ڪئي وئي آهي. رجسٽرار پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب سومر کان خميس تائين اسڪولن جي ٽائيمنگ صبح جو اٺين وڳي کان منجهند جو هڪ وڳي تائين هوندي، جڏهن ته جمعي واري ڏينهن صبح جو اٺين کان منجهند جو 12 وڳي تائين اسڪول جو وقت هوندو.