مدئجي ۾ پيڪين گهمڻ لاءِ آيل ناري پاران مڙس سان جهيڙي بعد خودڪشي جي ڪوشش، حالت ڳڻتي جوڳي

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي جي مرڪزي امام بارگاهه محلي ۾ پيڪين جي گهر گهمڻ لاءِ آيل نوجوان ناري ناديا زال ڪاشف شيخ پاران مڙس سان پئسن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيڻ بعد ڇري سان ڳلو ڪپي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن بروقت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويا.

ان سلسلي ۾ ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته ڌيءُ ناديا جي رتوديرو ۾ شادي ٿيل آهي جيڪا پنهنجي مڙس سميت گهمڻ آيل هئي ڪمري اندر زال مڙس ۾ جهيڙي ٿيڻ بعد ناري ڇري سان پنهنجو ڳلو ڪپي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي وڃي رهيا آهيون.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ هوته واقعي جو اطلاع مليو آهي ناري کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي کڻائي ويا آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. آخري اطلاعن تائين ناري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.