ميرپوربٺورو لڳ پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

news

ميرپوربٺورو (رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو) پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد پاران حاجي اسماعيل مرحوم جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ۽ ورڪر اجلاس ڳوٺ حاجي اسماعيل خاصخيلي ۾ منعقد ڪيو ويو.

جنهن ۾ خصوصي شرڪت سردار غلام مصطفيٰ خاصخيلي ۽ راجا بابا خاصخيلي ڪئي، ان کان علاوه پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد سنڌ جي صدر روشن علي خاصخيلي، محمد رمضان خاصخيلي، نور محمد خاصخيلي، وڪيل سڪندر خاصخيلي، وڪيل نادر نور خاصخيلي، وڪيل ناصر نور خاصخيلي، حاجي سليمان خاصخيلي، دائود خاصخيلي، اميد علي خاصخيلي، حافظ طفيل احمد کٽي، عبدالغني خاصخيلي، صحافي شھزاد قادر خاصخيلي، صحافي ساجد خاصخيلي، ابن خاصخيلي، ڊاڪٽر ذڪريا خاصخيلي، پيارو خان خاصخيلي، مينهن وسايو خاصخيلي  ۽ سريلي نوجوان راڳي رياض خاصخيلي سميت ضلعو سجاول ٺٽو بدين ٽنڊو محمد خان ۽ ڪراچي جي هزارين برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي.