لنڊن ۾ چئن مهينن جي لاڪ ڊائون کانپوءِ سرگرميون بحال، رونقون موٽي آيون

news

لنڊن (رپورٽ: مير ٽالپر) چئن مهينن جي سخت لاڪ ڊائون کانپوءِ برطانيه سرڪار بازارون ۽ ڪاروبار سميت اچ وڃ تان پابندي کڻي ڇڏي.

ان حوالي سان سرگرميون بحال ٿي رهيون آهن، هڪٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ جو سلسلو جاري ٿيو آهي، جڏهن ته هيئر ڊريسر، پبس، سپر اسٽور، شاپنگ سينٽر ۽ بيوٽي پارلر کلي ويا آهن. شهرين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي، پرڏيهي اچ وڃ تان به پابندي هٽائي وئي.