ملائڪه اروڙا جي سوشل ميڊيا تي منڊي واري تصوير مداحن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو

news

ممبئي: (اربع 14 اپريل 2021ع) بالي ووڊ جي فٽنس راڻي ملائڪه اروڙا جي مندي سان گڏ تصوير مداحن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا  سائٽ اننسٽاگرام تي ملائڪه طرفان  پنهنجون ٻه تصويرون شيئر ڪندي هڪ پوسٽ لکي وئي. ملائڪه پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هي منڊي خواب جيان آهي مون کي هن سان تمام گهڻي محبت آهي.

اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ منڊي جي برانڊ کي ٽيگ ڪندي لکيو ته خوشي جي شروعات هتان کان ٿيندي آهي جيڪڏهن اوهان پنهنجي زندگي ۾ موجود محبت بابت سوچي رهيا آهيو ته ان جي اها منڊي تمام گهڻي خوبصورت آهي. ملائڪه پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته اوهان پنهنجي منڊي کي ڪسٽمائزڊ به ڪري سگهو ٿا. ڇا هي دلچسپ ناهي؟

تصويرن ۾ ملائڪه جي منڊي ڏسي اهي افواهون به گردش ڪرڻ لڳيون آهن ته ملائڪه اروڙزا پنهنجي بواءِ  فرينڊ ارجن ڪپور سان مڱڻي ڪري ورتي آهي پر بعد ۾ خبر پئي ته ملائڪه جي تصوير  ۽ پوسٽ هڪ زيورن جي برانڊ جي پروموشل پوسٽ جي حوالي سان آهي.