اسلام آباد ۾ هڪ ڏينهن دوران ڏهن سالن جا وڌيڪ هڪ سئو ٻه ٻار ڪورونا جو شڪار

news

اسلام آباد: (اربع 14 اپريل 2021ع) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هڪ ڏينهن دوران 10 سالن تائين جا وڌيڪ 102 ٻارڙا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.

ڪورونا جي وڪڙ ۾ وڏن سان گڏ ننڍا ٻار به اچي رهيا آهن ۽ صرف اسلام آباد ۾ هينئر تائين 6 هزار 819 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) موجب هينئر تائين گڏيل طور تي ڪورونا وگهي 42 ٻارن جي فوتگي ٿي چڪي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻارن ۾ ڪورونا جون نشانيون وڏن کان مختلف هونديون آهن.

ٻارن ۾ ڪورونا جي شدت وڏن جيان ناهي هوندي ۽ هو جلد صحتياب به ٿي ويندا آهن پر پوءِ به احتياط ضروري آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻارن ۾ ڪورونا جي شدت گهٽ هوندي آهي. پر هو گهرن ۾ ڪورونا جي پکيڙ جو سبب بڻجندا آهن. ٻارڙا مضبوط  قوت مدافعت سبب ڪورونا مان جلد صحتياب به ٿي ويندا آهن.

اين سي او سي موجب ٻارن ۾ ڪورونا ڪيسز شروع کان ئي رپورٽ ٿي رهيا آهن ۽ ان جي شرح  هاڪاري ڪيسز جو 3 سيڪڙو رهيو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته والدين ٻآرن جي معاملي ۾ به ڪورونا ايس او پيز جو خيال رکن.