مورو شھر جي گچيرو روڊ تي ٻگهيا برادري جي ماڻهن پاران زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) مورو شھر جي گچيرو روڊ تي ٻگهيا برادري جي گهر تي هلان ڪرڻ واري عمل خلاف ٻگهيا برادري پاران مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جنهن جي اڳواڻي صدام ٻگھيو، علي بخش ٻگهيو، نويد ٻگهيو، عتيق ٻگهيو، قاسم جاني ٻگهيو، اسد ٻگهيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

جتي هنن چيو ته اسان جي ٽي ايڪڙ زرعي زمين آھي جنھن تي بااثر قبضو ڪرڻ چاھين ٿا. ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف قانوني قدم کڻي انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي.