سنڌ جي زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف پروجيڪٽس تي ڪم هلي رهيو آهي: محمد اسماعيل راهو

news

حيدرآباد: سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ جي زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ فصلن کي زهريليون جيت مار دوائون هڻڻ کان بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ فائديمند زرعي جيتن جي افزائش نيچرل اينيمي فارم ريزروائر (NEFR) جا سموري سنڌ ۾ 50 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.

اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سلطان آباد ويجهو سيد منظور حسين شاهه جيلاني فارم تي قائم ڪيل فائديمند زرعي جيتن جي افزائش جي مرڪز جو افتتاح ڪندي ڪيو.

صوبائي وزير چيو ته زرعي فصلن کي نقصانڪار جيتن کان بچائڻ جي لاءِ آبادگار مختلف جيت مار دوائون استعمال ڪن ٿا. جنهن جي ڪري فصلن ۾ دوائن جو اثر رهجي وڃي ٿو جيڪو اڳتي هلي انسانن جي لاءِ بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ زرعي جيتن جا 10 لک قسم موجود آهن، جن مان فقط هڪ سيڪڙو فصلن لاءِ نقصانڪار آهن، جنهن کي به ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند زرعي جيتن کي پالڻ جا مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، جنهن کانپوءِ فصلن کي زهريلي دوائون هڻڻ کان بچي وينداسين ۽ بيماريون به گهٽجي وينديون ۽ سرڪار جو صحت بل به ڪافي حد تائين گهٽجي ويندو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي زراعت کاتي پاران سنڌ ايريگيٽڊ ايگريڪلچر پراڊ ڪٽوٽي انهانسمينٽ پراجيڪٽ (سياپپ SIAPEP) شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جا ٽي مختلف ڪمپوننٽ آهن، پهريون سنڌ جي سمورن واٽر ڪورسن کي پڪو ڪري انهن ۾ سڌارا آڻي پاڻي جي اجائي زيان کي روڪي ۽ کوٽ کي منهن ڏيڻو آهي.

هن چيو ته هن پراجيڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ سموري سنڌ ۾ 5500 واٽر ڪورسن کي پڪو ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن مان هن مهل تائين 4232 واٽرڪورسز مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته باقي تي ڪم هلندڙ آهي ۽ ڊسمبر 2021 تائين انهن کي مڪمل ڪيو ويندو.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي اڳئي کوٽ آهي، تنهن ڪري ڊرپ ايريگيشن نظام آندو پيو وڃي جنهن جا تمام بهتر نتيجا سامهون آيا آهن جڏهن ته ان نظام هيٺ پاڻي جي  کپت گهٽ ٿئي ٿي ۽ اپت به وڌيڪ ٿئي ٿي.

هن مثال ڏيندي ٻڌايو ته ڊرپ ايريگيشن نظام تحت ڪمند جو فصل في ايڪڙ 1000 کان 1500 مڻ لهي ٿو ۽ ان جو قد 13 يا 14 فوٽ ٿئي ٿو. هن ٻڌايو ته زراعت کاتي پاران آبادگارن کي جيڪي به ٽيوب ويل لڳائي ڏنا ويا آهن انهن سمورن کي سولر سسٽم تي آندو ويندو ته جيئن ڳرن بلن کان آبادگارن کي بچائي سگهجي.

هن چيو ته سياپپ پراجيڪٽ جي ٻئي ڪمپوننٽ ۾ ليزر ليولنگ شامل آهي جنهن تحت آبادگارن کي زمين کي سنوت ۾ آڻڻ ۽ ڪهڙي زمين ڪهڙي فصل لاءِ بهتر آهي ان حوالي سان فني تربيت ڏني پئي وڃي.

صوبائي وزير چيو ته سياپپ جي پراجيڪٽ ۾ ٽيو ڪمپوننٽ ڪچن گارڊن آهي جنهن جو مقصد ٻهراڙي جي عورتن کي سندن ئي گهرن ۾ ڀاڄيون ۽ ٻوٽا لڳائي ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي ته جيئن اهي خود ڪفيل بڻجي سگهن.

ان حوالي سان ڪراچي جي ملير ضلعي کان علاوه ٻين 19 ضلعن ۾ ڪچن گارڊن قائم ڪيا ويا آهن. ڪچن گارڊن جو مقصد ٻهراڙي جي عورتن کي روزگار جي موقعن سان گڏوگڏ پنهنجو گذر سفر بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته ڪچن گارڊن پروگرام هيٺ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ 7000 ڪٽون جنهن ۾ پاڻي جي ٽينڪ، پائيپ، ٻج ۽ ڀاڻ ۽ ٻوٽا وغيره شامل آهن، تقسيم ڪيون وينديون.

ان موقعي تي سيڪريٽري زراعت عبدالرحيم سومرو چيو ته سنڌ حڪومت زراعت جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ زراعت کاتي کي جديد دور سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ سياپپ جو پروجيڪٽ ڪارآمد ثابت ٿيندو ۽ ان سان انساني صحت تي پوندڙ زهريلي دوائن جا هاڃيڪار اثر گهٽائڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.

ان کان اڳ زراعت کاتي جي وزير ڳوٺ جهنڊو کوسو ۾ ڪچن گارڊن ڪٽس جي تقسيم جو افتتاح ڪيو ۽ وڻڪاري مهم جي حوالي سان ٻوٽو پڻ لڳايو.

صوبائي وزير شيخ ڀرڪيو روڊ تي مولان واٽر ڪورسز جو معائنو پڻ ڪيو. ان موقعي تي ڊي جي واٽر مينجمينٽ سيد نديم شاهه، ڊي جي ريسرچ نور محمد بلوچ، ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن هدايت الله ڇڄڙو ۽ ڊائريڪٽر سياپپ محمد ايوب بڙدي موجود هئا.