ٽنڊوڄام ۾ مذھبي تنظيم پاران ٻن ڏينھن کان لڳل ڌرڻي خلاف ڪارروائي، نَوَ ڄڻا گرفتار

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) مذھبي تنظيم پاران ٻن ڏينھن کان حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي لڳل ڌرڻي خلاف پوليس جي ڪارروائي. پوليس ڪيمپ پٽي ڇڏي ۽ روڊ تان رڪاوٽون هٽائي ٽريفڪ بحال ڪري ڇڏي. 9 ڄڻا گرفتار.

خبر موجب ٽنڊوڄام ۾ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي مذھبي تنظيم پاران ٻن ڏينھن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ اي ايس پي ڪينٽ اياز حسين جي اڳواڻي ۾ ٻن ڊي ايس پيز، ڇھن ايس ايڇ او ۽ پوليس جي وڏن اٽالن ڌرڻي تي چڙهائي ڪري ڏني.

پوليس چڙهائي بعد مذھبي تنظيم جي ڪارڪنن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. پوليس حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي لڳل تنبو پٽي ڇڏيو ۽ رڪاوٽون ھٽائي ٽريفڪ کي مڪمل طور بحال ڪري ڇڏيو.

پوليس ڪارروائي دوران 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڪيلن ۾ ڳوٺ ڄام خان مگسي جا رھواسي محبت مگسي، محمد خان مگسي، خان محمد مگسي، ڌڻي بخش ولد مولا بخش مگسي، ڌڻي بخش ولد پير بخش مگسي، ملوڪ مگسي، مير ڪالوني ٽنڊو ڄام جو رھواسي عبيد الرحمان اعواڻ، ڳوٺ الھڏنو جمالي جو رھواسي مسلم الدين جمالي ۽ ڳوٺ سڄڻ ناھيون جو رھواسي وحيد علي ناھيون شامل آھن. پوليس پاران اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.