اداڪاره ساره خان جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

news

ڪراچي: اداڪاره ساره خان جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينهن انسٽاگرام اسٽوري تي اداڪاره جي مڙس ۽ گلوڪار فلڪ شير پاران ساره خان جي تصوير شئير ڪئي وئي جنهن ۾ هن کي اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل ڏسي سگهجي ٿو.

گلوڪار فلڪ شير اسٽوري جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ساره جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي.

البته اهو واضح ناهي ٿيو ته ادڪاره کي ڇا ٿيو آهي ۽ کيس ڪهڙي سبب جي ڪري اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ساره ۽ فلڪ پاران انسٽاگرام پوسٽ ذريعي مداحن کي اطلاع ڏنو ويو هو ته هن وقت هو استنبول ۾ آهن جتي ڪورونا سبب لڳايل ڪرفيو جي ڪري هو ٻئي ڄڻا ڦاسي پيا آهن.

ميڊيا رپورٽن ۾ چيو پيو وڃي ته اداڪاره ساره ۽ فلڪ هني مون ملهائڻ ويا آهن پر اڃان تائين اهو واضح ناهي ته هن جي طبيعت ڪٿي خراب ٿي پاڪستان ۾ يا ترڪي ۾ ؟