محمد رضوان روزي جي حالت ۾ به وڪٽ ڪيپنگ ۽ بيٽنگ ڪندو رهيو

news

سنچورين: پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته محمد رضوان روزي جي حالت ۾ به ڪيپنگ ۽ بيٽنگ ڪندو رهيو.

ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا کان ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ محمد رضوان غيرمعمولي اننگز کيڏي، هو روزي جي حالت ۾ به ڪيپنگ ۽ بيٽنگ ڪندو رهيو.

بابر چيو ته اسان ڪارڪردگي جي معيار ايندڙ ميچ ۾ به برقرار رکڻ لاءِ تيار آهيون.