ڪورونا هڪ سئو ارڙنهن مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، پنج هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

news

اسلام آباد: (خميس 15 اپريل 2021ع) ڪورونا جي ٽئين لهر شدت اختيار ڪري وئي آهي. موذي وائرس اڄ 118 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.

جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 64 هزار 685 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ  10.942.77 ٿي وئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾  وڌيڪ 5 هزار 395 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 739.818 ٿي وئي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 70 هزار 310، پنجاب ۾ 2 لک 58 هزار 441، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 2 هزار 290، اسلام آباد ۾ 68 هزار 068، بلوچستان ۾ 20 هزار 580، آزاد ڪشمير ۾ 14 هزار 978 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 153 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 77 هزار 294 آهي جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 118 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 15 هزار 872 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 4 هزار 740 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 646.652 ٿي وئي آهي.