شهباز شريف جي ضمانت ميرٽ تي ناهي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

news

لاهور: (خميس 15 اپريل 2021ع) پنجاب جي وڏي وزير جي  اطلاعات بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف جي ضمانت ميرٽ تي ناهي ٿي سندس ضمانت ان لاءِ ٿي آهي جو ڪيس ٻڌندڙ جج صاحب کي هڪ مهينو اڳ اسلام آباد موڪليو ويو هيو.

لاهور ۾ رمضان بازار جي دوري دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فردوس عاشق چيو آهي ته ڪنهن ڪيس جي ضمانت عدالت مان بري ٿيڻ جي برابر ناهي. ضمانت ۾ اهو ناهي لکيل ته هن چوري  ناهي ڪئي. هن چيو ته پهريان خاموشي پوءِ پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ ۽ هاڻ ضمانت، ميم ۽ شين ليگ پاڻ ئي جواب ڏين ته ان جي پٺيان ڪهڙي ڪهاڻي آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته رمضان بازارن ۾ حڪومتي پاليسين تي مڪمل عمل ناهي ٿي رهيو. مختلف مافيائون کنڊ جي کوٽ پيدا ڪري رهيون آهن. کنڊ اسٽالز تي لڳل رش ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي آهي.

ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ونڊو شاپنگ جي لاءِ ايندڙ عورتن کي مشورو ڏنو ته رمضان بازارن کي سير ۽ تفريح جو ذريعو نه بنايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقابلو مهانگائي  ليگ جي خلاف آهي. عثمان بزدار مهانگائي جي خلاف ٽف ميچ کيڏي رهيو آهي.