آرمي چيف پاران فوجي فائونڊيشن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو، هڪ سئو بسترن جي اسپتال جو افتتاح

news

راولپنڊي: (خميس 15 اپريل 2021ع) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي  فائونڊيشن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو جنهن جي دوران 100 بسترن تي ٻڌل اسپتال جوا فتتاح ڪيو.

آرمي چيف ايندڙ منصوبن جي تڪميل لاءِ ڀرپور تعاون  جو يقين ڏياريو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي فوجي فائونڊيشن هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي مينيجنگ ڊائريڪٽر وقار احمد ملڪ  استقبال ڪيو.

پاڪ فوج جي سربراهه کي فوجي فائونڊيشن جي ايندڙ منصوبن ۽ مختلف شعبن بابت بريفنگ ڏني وئي. جنرل قمر جاويد باجوه ان دوري جي دوران فائونڊيشن يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ اسڪول آف نرسنگ جو به افتتاح ڪيو ۽ معياري خدمتن جي لاءِ اداري جي عزم ۽ ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي.