وفاقي ڪابينه تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

اسلام آباد: (خميس 15 اپريل 2021ع) وفاقي ڪابينه دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ڪابينه کان منظوري سرڪيوليشن سمري جي ذريعي ورتي وئي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته تحريڪ لبيڪ تي پابندي جي سفارش پنجاب حڪومت طرفان ڪئي وئي هئي. وزيراعظم عمران خان اڳ ئي ٽي ايل پي تي پابندي جي مسودي کي اڳ ئي منظور ڪري چڪو هو. رپورٽ موجب سمري ۾ چيو ويو هو ته تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن طرفان  سڄي ملڪ ۾ پرتشدد ڪارروايون ڪيون ويون  جنهن سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 580 زخمي ٿيا.

ان دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي 30 گاڏين کي به نقصان پهچايو ويو. حڪومت طرفان امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لاءِ تحريڪ لبيڪ جا 2063 ڪارڪن گرفتار ۽ 115 ڪيس داخل ڪيا ويا.

اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته حڪومت جي هدايت تي اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف اڄ وڌيڪ 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ان ڪيس م پوليس اهلڪارن تي حملا، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.