مون کي هٽائڻ چاهين ٿا پر همت نه هاريندس، رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس: جسٽس قاضي فائز

news

اسلام آباد: (خميس 15 اپريل 2021ع) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز  عيسيٰ  پنهنجي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته مون کي بطور جج سپريم ڪورٽ جي عهدي تان هٽائڻ چاهين ٿا ۽ مون کي هٽائڻ جي خواهش جو سبب اهو آهي ته مان فيض آباد ڌرڻي  ڪيس جو فيصلو ڏنو پر مان  همت نه هاريندس ۽ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظر ثاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جسٽس قاضي فائز دليل ڏيندي چيو ته فروغ نسيم مون تي ۽ منهنجي گهر واري تي سنگين الزام لڳايا منهنجي خلاف ريفرنس ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو آئين ۽ قانون تي ٻڌل هو. منهنجي گهر واري ڪيس ۾ ڌر نه هئي پوءِ به ان جي خلاف فيصلو ڏنو ويو. فروغ نسيم جي لاءِ عدالت جو احترام ضروري ناهي پر وزارت ضروري آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به فروغ نسيم لکت ۾ دليل جمع ڪرائيندو رهيو.

پهريون ڀيرو ڪو قانون وارو وزير آهي جنهن پاڪستان جي آئين کي بنيادي حقن کان تڪراري قرار ڏنو. تفصيلي فيصلو اچڻ کان اڳ ئي ايف بي آر کي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو. جڏهن ته ٽيڪس ڪمشنر ذوالفقار احمد عدالت جي دٻاءُ ۾ اچي ڪارروائي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن بدنيتي تي ٻڌل ڪارروائي ڪئي ۽ ڪڏهن به مون کي صفائي جو موقعو نه ڏنو. سپريم جوڊيشل ڪائونسل انصاف جو قتل عام ڪيو. صدر منهنجي 3 خطن جو جواب ڏيڻ به مناسب نه سمجهيو. مون کي ريفرنس جي ڪاپي نه ملي پر ميڊيا تي راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ويو منهنجي ۽ گهر ڀاتين جي خلاف ففٿ جنريشن وار شروع ڪئي وئي.

جسٽس قاضي فائز پنهنجي دليلن ۾ چيو ته آصف سعيد کوسه منهنجي موقف کان سواءِ منهنجي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو. منهنجي ساٿي ججن جوڊيشل ڪائونسل ۾ مون کي پاڳل شخص قرار ڏنو. چيو ويو ته عمران خان جي فيملي جي باري ۾ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. عمران خان رانديگر هو ته مان به ان جو مداح هئس ۽ سندس آٽو گراف به ورتو. معزز جج جو چوڻ هو ته عظمت سعيد منهنجو دوست هو پر ان جي فيصلي تي ڏک ٿيو. عظمت سعيد اڄ حڪومت جي پسنديده شخصيت آهي. جسٽس قاضي فائز چيو ته مان رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس همت نه هاريندس. هي مون کي بطور سپريم ڪورٽ جي جج واري عهدي تان هٽائڻ چاهين ٿا ۽ مون کي هٽائڻ جي خواهش جو سبب اهو آهي ته مان فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو ڏنو. مرحوم خادم رضوي به فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو ڏنو.

مرحوم خادم رضوي به فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس جي فيصلي خلاف نظر ثاني اپيل داخل نه ڪئي. جڏهن ته خادم رضوي کان علاوه باقي  سمورن فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي کي چيلنج ڪيو. تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم به فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي تي نظر ثاني اپيل داخل ڪئي. تحريڪ انصاف جي نظرثاني درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مان جج بنجڻ جو اهل ئي نه آهيان. مان واقعي جج بنجڻ جي اهل ناهيان ڇو ته مان بنيادي حقن جي ڳالهه ڪريان ٿو. جسٽس قاضي استدعا ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي صبح جي وقت ۾ مقرر ڪئي وڃي. ڇو ته ٻڌڻي جلد مڪمل ٿيڻ ضروري آهي.

جسٽس منظور ملڪ جي ريٽائر ٿيڻ ۾ ٿورو وقت آهي. ان تي جسٽس عمر عطا چيو ته اوهان کي هاڻ ياد اچي رهيو آهي ته وقت گهٽ آهي؟ اوهان لائيو ڪوريج جي درخواست ۾ مارچ جو مهينو ضايع ڪري ڇڏيو. ان تي جسٽس قاضي چيو ته لائيو ڪوريج جي درخواست منهنجي ان اميج جي سبب اهم هئي جيڪو هنن پبلڪ ۾ بنايو.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اميج بنائيندڙ الله جي ذات آهي. اوهان ان تي ڀروسو رکو ٿا ته فڪر ڇو؟ ان تي جسٽس قاصي چيو ته فڪر سپريم ڪورٽ جي آهي. منهنجي ڪهڙي حيثيت اهي.  جنهن کان پوءِ عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.