آصف زرداري خلاف مني لانڊرنگ سميت ٽن ريفرنسز جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي

news

اسلام آباد: (خميس 15 اپريل 2021ع) احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس جي ٺٽه واٽر سپلاءِ، ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنسز جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 21 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد اعظم خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس جي ٽن ريفرنسز ٺته واٽر سپلاءِ، ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين رينفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي.

مذهبي پارٽي جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي پوليس وين جيل کان حوالات نه آندي وئي جنهن سبب جيل ۾ قيد انڊر ٽرائل جوابدارن حسين لوائي ۽ طحه رضا سميت ٻين کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. احتساب عدالت جي جج چيو ته جيل اختيارين جو خط آيو آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڄ جوابدارن کي پيش نٿو ڪري سگهجي.

آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ عبدالغني مجيد حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.