تحريڪ لبيڪ جا مظاهرا: فرانس پنهنجي شهرين ۽ ڪمپنين کي پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

news

اسلام آباد: (خميس 15 اپريل 2021ع) فرانس پاڪستان ۾ موجود پنهنجي شهرين ۽ ڪمپنين کي عارضي طور تي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي موجب پاڪستان ۾ فرانسيسي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي هڪ اي ميل  ڪئي آهي. جنهن ۾ کين هدايت ڏني وئي آهي ته پاڪستان ۾ فرانسيسي مفادن کي سنگين نوعيت جي ڌمڪين سبب فرانسيسي شهري ۽ ڪمپنيون عارضي طور تي پاڪستان کي ڇڏي ڏين.

اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته هتان جي شهرين جي روانگي ڪمرشل ايئرلائنز جي ذريعي ئي ٿيندي.  ٻئي طرف فرانسيسي سفارتخاني ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ فرانسيسي شهرين کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ جاري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنن کي خطرو ٿي سگهي ٿو ان ڪري هو عارضي طور تي پاڪستان مان نڪري وڃن.

ٻئي طرف فرانسيسي سفارتخاني جي هڪ ترجمان به ان خبر جي به تصديق ڪئي آهي ۽ ٻڌايو  آهي ته صرف سفارتخانو کليل رهندو ۽ محدود اسٽاف سان گڏ ڪم جاري رکيو ويندو.